اسدالله لاڙڪ

اسدالله لاڙڪ

اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر

اسدالله لاڙڪ، ڊاڪٽر: اسدالله لاڙڪ، پاڪ - ڀارت جو پهريون سنڌي آهي، جنهن انگريزي ادب ۾ پي. ايڇ . ڊي ڪري، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هيءُ پراڻي ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) جي ڳوٺ لاڙڪ جو رهاڪو آهي، ليڪن تعليم ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ گهڻو ڪري ڄام شوري ۽ حيدرآباد سان ئي لاڳاپيل رهيو. 1962ع ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪيائين، ان کان پوءِ حيدرآباد جي ئي گورنمينٽ ڪاليج مان 1966ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. اسدالله لاڙڪ، سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه ۾ هڪ سال ليڪچرر ٿي رهيو ۽ پوءِ ساڳي حيثيت ۾ حيدرآباد جي مسلم ڪاليج ۾ پڙهايائين. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. هن 1973ع ۾ ايم. ايڊ ڪئي. پاڻ استادن جي تنظيم (سوٽا) جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. هو 1976ع ۾ آمريڪا روانو ٿي ويو، جتي هن 1977ع ۾ ايم. اي ڪئي ۽ انڊيانا يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڊاڪٽر اسدالله لاڙڪ، هڪ محنتي ۽ قابل استاد آهي، جنهن بين الاقوامي ٻوليءَ جي ادب ۾ ڊگري حاصل ڪري، سنڌ جي نوجوانن کي هڪ واٽ ڏيکاري. هن جو شمار سنڌ يونيورسٽيءَ جي قابل استادن ۾ ٿيندو هو. 1980ع ۾ يونيورسٽيءَ جي ملازمت ڇڏي، ڪنهن صنعتي اداري سان ڪاروباري شراڪت ۾، آمريڪا هليو ويو ۽ هاڻي اتي ئي رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو